پريالوءِ ۾ 9 جانيون ڳڙڪائيندڙ ناريجا ۽ سولنگي برادريءَ جي تڪرار جو نبيرو سردار غوث بخش خان مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو. نبيري دوران ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌا ويا، جتي ناريجا ڌر طرفان صاحب خان ناريجو ۽ ايڊووڪيٽ علي داد ناريجو، جڏهن ته سولنگي ڌر طرفان ڊي ايس پي امداد علي سولنگي بيان ڏنو. فيصلي ۾ ناريجا ڌر تي سولنگي برادريءَ جا 5 خون ۽ 4 زخمين جو 1 ڪروڙ 44 لک روپيه، جڏهن ته سولنگي ڌر تي ناريجا برادريءَ جا 4 خون ثابت ٿيڻ تي 1 ڪروڙ روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ڌريون فيصلي تي راضي ٿي ويون، جنهن بعد علائقي ۾ خوشگوار ماحول ڇانئجي ويو.