سيوا ڊولمينيٽ ٽرسٽ سنڌ پاران سال 2024 جي پڄاڻي تي ٽائون ڪاميٽي اڳڙا ۾ سچو ٿيئٽر گروپ جي تعاون سان غذائيت جي کوٽ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، صفائي، حفاظتي ٽڪن ۽ ماءُ جي کير جي اهميت تي اٺ اصلاحي ڊراما پيش ڪيا ويا.ڊرامن ۾ ٽي وي جي مشهور اداڪارن فهيم يحيٰ ڀٽو، مير صوبدار سعيد، نائلا خان، ۽ ساجده پروين پنهنجي شاندار اداڪاري سان شائقين کان خوب داد حاصل ڪيو.سيوا ڊولمينيٽ ٽرسٽ سنڌ جي پروجيڪٽ مينيجر، ايڊووڪيٽ محمد علي سهتو، تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان اڳڙا ۽ ڪمال ديرو جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن، جيئن ڀارپور مرکنڊ، پنجاڻي ٻڌ، ملھار شيخ، اڳڙا سٽي، پير عيسى، سڪ واھڻ، والي ڏنو شيخ، ۽ الھرکيو بڙدي ۾ اهڙا اصلاحي ڊراما پيش ڪري غذائيت جي کوٽ ۽ صحت بابت ڄاڻ عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته صحتمند ماءُ جي خوراڪ بهتر هجڻ سان صحتمند ٻار پيدا ٿي سگھن ٿا. جيڪي عورتون پاڻ غذائيت جي کوٽ جو شڪار آهن، اهي پنهنجي ٻارن جي زندگي لاءِ به خطرو ٿي سگهن ٿيون. اهڙا پروگرام ضروري آهن ته جيئن سنڌ جي عوام کي صحتمند زندگي لاءِ بهتر ڄاڻ ملي سگهي.يرامن جي ميزبان ارشاد جوڻيجو چيو ته عوام جي سجاڳي لاءِ اهڙا اصلاحي ڊراما وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته ڊرامن ذريعي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته غذائي خوراڪ، جيئن سائي ڀاڄيون، ڦر، انڊا ۽ کير، گوشت ۽ مڇي کان سواءِ به، ماءُ ۽ ٻار جي زندگي بهتر بڻائي سگهن ٿا.نوجوان شاعر اسلم ٻڌ ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن سيوا ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا پروگرام غذائيت جي کوٽ جي خاتمي لاءِ تمام ڪارائتا آهن.عوام، خاص طور تي وڏيرن، چيف، شاعرن، ۽ عام ماڻهن ڊرامن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ انهن مان بهتر پيغام حاصل ڪيو. تقريب ۾ سوين عورتن، مردن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي ۽ ڊرامن کي مڪمل لطف اندوز ٿي ڏٺو.سيوا ڊولمينيٽ ٽرسٽ سنڌ جي اهڙي ڪوشش غذائيت ۽ صحت بابت ڄاڻ عام ڪرڻ لاءِ هڪ مثبت قدم آهي، جيڪو عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اثرائتو ثابت ٿيندو.