پريالو ءِ(رپورٽر ) پريالوءِ شھر جي شاھين پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو پروگرام جو مقصد سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوانن ۾ سنڌي ثقافت جو شعور کي بيدار ڪرڻ جڏهن ته انهيءَ موقعي تي پروگرام ۾ سنڌي موسيقيءَ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين رقص ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو جڏهن ته اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف قسمن جا ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي ثقافتي تاريخ، ادب ۽ امن جي پيغام کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته انهيءَ موقعي تي تعلقي ڪينگري پ ٽ الف جي جنرل سيڪريٽري مير عبدالستار ٽالپر، پ ٽ الف جي صدر غلام سرور ڪانھر،ٽي او ايجوڪيشن ڪنگري فاروق احمد سومرو، ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مشهور شاعر اديب استاد سجاد ميراڻي جن مهمان خاص هئا انهيءَ موقعي تي مقررين پاران شاھين پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي ثقافت سان روشناس ڪرائڻ لاءِ هن قسم جا پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن جنهن سان نوجوانن کي سنڌ جي ثقافت سان جي جوڙڻ جو مقصد آهي جڏهن ته انهيءَ موقعي تي اڳواڻن پاران پنجاب طرفان سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪندي چيو ويو آهي ته اهڙا متنازعه فيصلا ڪري ملڪي مفادن کي نقصان پهچايو پيو وڃي هنن چيو ته سنڌو درياهه مٿان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ سنڌي قوم طرفان سنڌو درياهه مٿان ڌاڙي خلاف ڀرپور نموني سان مزاحمت ڪندي