پريالوءِ لڳ ٻٻرلوءِ جي علائقي ۾ 3 نامعلوم هٿياربندن فياض احمد سومرو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، 4 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل جا اوريجنل ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. مذمت ڪرڻ تي هٿياربندن فياض احمد تي سخت تشدد ڪيو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سول اسپتال ۾ زخمي فياض احمد پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هو سکر احمد گهي ملز ۾ ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو هو، جڏهن ٻٻرلوءِ جي حد ۾ هٿياربندن کيس روڪي ورتو. هٿيارن جي زور تي هنن کيس يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ۽ موٽر سائيڪل سميت 4 هزار رپيا ۽ ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. علائقي واسي ۽ سماجي حلقن واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد هٿياربندن کي گرفتار ڪيو وڃي