پريالوءِ لڳ گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي نھال خان بلوچ ۾ سنڌي ثقافت جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

پريالوءِ لڳ گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي نھال خان بلوچ ۾ سنڌي ثقافت جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. هن پروگرام ۾ معصوم ٻارڙن سنڌ جي روايتي اجرڪ اوڍي ثقافتي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏهن ته شاگردياڻين پاران سنڌي ثقافت جي اهميت بابت تقريرون پڻ ڪيون ويون. پروگرام جا خاص مهمان مقامي سياسي اڳواڻ، سماجي ڪارڪن، ۽ علمي شخصيتون هئا، جيڪي ثقافتي ڏينهن جي اهميت تي روشني وڌي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته اهڙن پروگرامن ذريعي نئين نسل ۾ پنهنجي ثقافت ۽ روايتن بابت شعور وڌي سگهي ٿو. اي ڊي اين نيوز پاران هر سال جيان هن سال به ثقافتي پروگرامن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. پروگرام ۾ معصوم ٻارڙن، استادن، ۽ مقامي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي سنڌ جي رنگين ثقافت کي ساراهڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. پروگرام جو مقصد نئين نسل کي پنهنجي ثقافتي ورثي سان جوڙڻ ۽ امن، محبت، ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪرڻ هو