پريالوءِ ۾ نوجوان صحافي محمد عمر ڀٽو جي ڏاڏي جي وفات تي سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي. صحافين، سياسي شخصيتن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ ڀٽو خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پريالوءِ جو نوجوان صحافي عمران علي اوڍو ، صحافي محمد انور ناريجو، صحافي نصرالله کيڙو، صحافي صوبل اوڍو، سرفراز عباسي، ٽنڊومستي کان نوجوان صحافي محمد خان چانڊيو ۽ ٻين صحافي محمد عمر ڀٽو سان ڏاڏي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف، علائقي جي ٻين معزز شخصيتن، دوستن پڻ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ياد رهي ته مرحومه جي تدفين گذريل ڏينهن پريالوءِ جي مقامي قبرستان ۾ ٿي گذري هئي،