پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات نامعلوم 8 هٿياربندن ڳوٺ خيرمحمد ڪلهوڙو تي حملو ڪري ڳوٺاڻي محمد حاتم ڪلهوڙو جي گهر ۾ داخل ٿي ناياب نسل جون 2 مينهون ڪاهي ويا۔ جڏهن گهر ڌڻي جاڳي پيو ۽ دانهن ڪئي ته ڳوٺاڻا جاڳي پيا ۽ هٿياربندن جو پيڇو ڪرڻ لڳا، پر هٿياربندن ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪري کين پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ۽ مينهون ڪچي واري علائقي ڏانهن ڪائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ان واقعي کانپوءِ ڳوٺاڻن محمد حاتم ڪلهوڙو ۽ علي حسن ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پريالوءِ پوليس جي نااهلي سبب بدامني وڌي رهي آهي، ۽ هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي، ڦرڪيل مينهون واپس ڪرائي، ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔