پريالوءِ ڀرسان اسڪول جي شاگردکڻي اسڪول طرف ايندڙ چنگچي رڪشا سان حادثو 5 شاگرد زخمي

ڪوٽ ميرمحمد شهر کان پريالوءِ طرف ايندڙ چنگچي رڪشا ۾ سوار نجي اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي کڻي ايندڙ چنگچي رڪشا ڊرائيورجي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري روڊ کان هيٺ کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 شاگرد زخمي ٿي پيا زخمي ٿيل شاگردن کي علائقي واسين کڻي پريالوءِ جي پرائيويٽ اسپتال پهچايا هوڏانهن اطلاع ملڻ تي شاگردن جا وارث پهچي ويا اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته شاگرد معمولي زخمي ٿيڻ ڪري کين فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين گهر واپس موڪلياويا آهن