پريالوءِ ڀرسان وڏا ماڇيون ۾ بٺ پريميئر ليگ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٽيپ بال ڪرڪيٽ ليگ ٽورنامينٽ ٿي گذريو جڏهن ته بٺ پريميئر ليگ جنهن ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو

پريالوءِ: ڀرسان وڏا ماڇيون ۾ بٺ پريميئر ليگ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٽيپ بال ڪرڪيٽ ليگ ٽورنامينٽ ٿي گذريو جڏهن ته بٺ پريميئر ليگ جنهن ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو خيرپور، ڪوٽ ميرمحمد، پيرجوڳوٺ ۽ گاگڙي جي ڀرپاسي جي مشهور رانديگرن کي شامل ڪيو ويو فائنل بٺ ٽائيگرز ۽ بٺ رووائلز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو 10 اوورن تي مشتمل فائنل ميچ جو ٽاس بٺ ٽائيگرز جي ڪپتان نصرﷲ سولنگي کٽڻ بعد پهريان بئٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو بٺ ٽائيگرز جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي آفتاب ناريجو جي تيز ترين 60 اسڪرو جي مدد سان 174رنسون ٺاهي بٺ رووائلز جي ٽيم کي 175رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو بٺ رووائلز جي ٽيم پويان بئٽنگ ڪندي مقرره 10 اوورن جي بدولت 9 وڪيٽن جي نقصان تي 120 رنسون ٺاهي سگهي بٺ ٽائيگرز جي ٽيم 55 رنسن تان فائنل ميچ کٽي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو فائنل ميچ جا چيف گيسٽ پيپلزپارٽي يوسي وڏا ماڇيون چيئرمين گلشن سولنگي، ۽ سولنگي برادري جا معزز شخصيت سميت گرائونڊ تي موجود سوين جي تعداد شوقينن ميچ ڏسي لطف اندوز ٿي رانديگرن کي خوب داد ڏنو آخر ۾ مين آف دي سيريز جو انعام جيند چنو ۽ ساجد علي کي ڏنو ويو جڏهن ته بيسٽ بالر ٽورناميٽ جو اعزاز ساجد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو جڏهن ته رنر اپ ۽ ونر ٽيمن جي ڪپتانن کي ٽرافين ، شليدين۽ روڪ انعامن سان نوازيو ويو