پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ بچل ملاح جي رهاڪن محمد نواز ناريجو ۽ حضوربخش ناريجو پاران احتجاج ڪندي انڪشاف ڪيو ويو

پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ بچل ملاح جي رهاڪن محمد نواز ناريجو ۽ حضوربخش ناريجو پاران احتجاج ڪندي انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سندن نياڻي خديت خاتون کي بجلي جي ڪرنٽ سبب نه، پر تشدد ڪري بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته واقعو ٻه هفتا اڳ پيش آيو هو، پر پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته مقتولا خديت خاتون جو موت قدرتي نه پر هڪ سوچي سمجهي سازش آهي. هنن الزام مڙهيندي چيو ته ڪجهه ماڻهن نياڻي تي تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ۽ بعد ۾ ان کي بجلي جي ڪرنٽ جو واقعو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هنن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ، ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. احتجاج ڪندڙن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته هو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. ڳوٺاڻن چيو ته انصاف نه مليو ته اهو ظلم ٻين معصومن لاءِ به خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو. پوليس ۽ انتظاميا تي زور ڏنو ويو آهي ته هو فوري طور قدم کڻي معاملي کي حل ڪن.