پريالوءِ (رپورٽر ) پريالوء ڀرسان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ويرم ڳوٺ ۽ گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي نھال خان بلوچ ۾ وڏي جوش ۽جذبي سان اسڪول ۾ پر وقار ثقافتي ايڪتا پروگرام اي ڊي اين نيوز پاران شاندار رنگارنگي ايڪتا پروگرام اسڪول ۾ منعقد ڪيو ويو، تقريب ۾ استادن، شاگردن توڙي مهمانن اجرڪ، ٽوپيون پائي شريڪ ٿيا، ٻارڙن طرفان ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون هڻي ڀرپور داد حاصل ڪيو ، استادن جي اڳواڻي ۾ شاگردن ۽شاگردياڻين ۾ وڏو جوش ۽جذبو نظر آيو، اسڪول ۾پر وقار پروگرام منعقد ڪيو ويو، اي ڊي اين نيوز طرفان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ويرم ڳوٺ ۽ گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي نھال خان بلوچ ۾ ايڪتا جي حوالي سان هڪ رنگا رنگ پروگرام ٿيو جتي ٻاتڙيون ٻوليون ڳالهائيندڙ گلن جهڙا معصوم ٻارڙا اجرڪ ٽوپيون ڀرت ڀريل وڳا ۽ ثقافتي ويس پائي اسڪول پهتا، اسڪول ۾ٿيل ثقافتي ايڪتا تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻهڪندڙ ٻارڙن جا پرجوش جذبا ۽ چهرا ڏسڻ وٽان هئا جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي محبت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ مختلف ثقافتي رنگن سان ڀرپور ٽيبلوز ڪري سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي گلن جهڙن معصوم شاگردن ۽شاگردياڻين سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾، ٽوپي اجرڪ وارا جئين مور ٿو ٽلي راڻا، لونگ ڦوٽا ٿالهي ۾ آءُ کنيو پئي اچان، جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، هو جمالو، ۽ سنڌ جي قومي گيتن تي جهمريون پائي، ٽيبلوز خاڪا پيش ڪري ڌرتيءَ ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪندي تقريب کي چار چنڊ لڳائي خوب داد حاصل ڪيو هوڏانهن اسڪول جي استادن مظفر موئرو، استاد ماجد، استاد سعيد احمد سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڀرپور نموني شرڪت ڪري سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو