پريالوء ڀرسان ڳاڙهي موري ۾ مهر برادري پاران ڦر ۽ ڏوهن ۾ واڌ بعد علائقي جي معزز جي گڏجاڻي،

پريالوء ڀرسان ڳاڙهي موري ۾ مهر برادري پاران ڦر ۽ ڏوهن ۾ واڌ بعد علائقي جي معزز جي گڏجاڻي، ايس ايس پي خيرپور کان جوابدارن جي گرفتاري جي گهر تفصيل موجب پريالوء ۽ ڀرپاسي ۾ ڏوهي وارداتن ۾ اضافي بعد ڳاڙهي موري جي جوت سماجي تنظيم اڳواڻ جي صدر حسين مهر جي رهائش ڳاه تي ڳاڙهي موري جي معزز سيد محمد شاه وڏيرو عبدالغفار مهر، استاد محمد امين گهانگهرو، ٻين علائقي واسين جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ علائقي واسين پريالوء ٻٻرلوءِ روڊ تي ٿيندڙ ڦرلٽ جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته آهي ته ڳاڙهي موري مان ڪيترائي ڀيرا ڏوهاري مختلف مرحلن مان مسڪينن جي گهرن مان چوري ڪري ويا رستي ۾ڪم ڪار سان ويندي ماڻهن کان ڦرلٽ ٿيندي رهي ٿي ڳاڙهي موري مان مهيني جي اندر ٽي کان وڌيڪ بجلي جا ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا آهن تنهن جي باوجود پوليس انتظاميه شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ توڙي ٿيل چوريون واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي ڪجهه ڏينهن اڳ عبدالوحيد مهر کان ٻٻرلوء ٿاڻي جي حد مان موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن ۾ ڏوهارين جي نشاندهي ٿيڻ جي باوجود خيرپور پوليس هن وقت تائين نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ نه ئي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ لاء تيار آهي علائقي واسين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري ڏوه ۾ ڦرڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ حالتن جي ذميوار خيرپور پوليس هوندي