پشاور: سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو: 8 ڄڻا زخمي

پشاور : ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پوليس موجب درسڪ روڊ تي ٿيل ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بنايو ويو ريسڪيو ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين ۾ 5 اهلڪار ۽ 3 شهري شامل آهن زخمين کي طبي امداد جي لاءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.