پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عمر ايوب خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عمر ايوب جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب کي اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جو نوٽيس اماڻڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس خورشيد اقبال ڪئي ٻڌڻي جي دوران عمر ايوب جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن اثاثا ظاهر نه ڪرڻ خلاف نوٽيس اماڻيو آهي، اثاثن بابت 120 ڏينهن جي اندر جواب ڏيڻ لازمي هوندو آهي. اسان جواب ڏئي ڇڏيو آهي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اثاثن جي ڄاڻ جمع ڪرڻ جي 120 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي اثاثن بابت شڪايت ٿيڻ جي صورت ۾ نوٽيس جاري نٿو ڪري سگهي. جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.