بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڌماڪي سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب پشين ۾ ڌماڪو پوليس لائين ڀرسان بازار ۾ ٿيو، ڌماڪي جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي، جڏهن ته ڌماڪي سبب ڀرسان بيٺل هڪ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ٻين گاڏين کي به نقصان پهتو. پوليس تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس موجب ڌماڪي جي زخمين ۾ 4 پوليس اهلڪار به شامل آهن، ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي ڌماڪي جي نوعيت جي حوالي سان ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.