پمز اسپتال جي ڊاڪٽر جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو

تفصيل موجب اسلام آباد جي پمز اسپتال جي ڊاڪٽر جو تشدد ٿيل لاش ٽيڪسيلا جي حد ڍوڪ پنون موٽر وي وٽان هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ڊاڪٽر عبدالله نياز جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پشاور جي جان ڪالوني جو رهواسي هو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ايبٽ آباد جي ايوب ٽيچنگ اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر جو لاش گهر مان هٿ آيو، بنون سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر جو لاش مهتاب خان روڊ تي گهر مان هٿ آيو. ليڊي ڊاڪٽر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ايوب ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعو خودڪشي آهي يا ٻيو ڪجهه، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.