ٽيڪس فري ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. قرارداد مسلم ليگ(ن) جي ميمبر حنا پرويز بٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اهو ايوان ٽيڪس فري ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مريم نواز کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته ناڻي وارو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان به مبارڪباد جو مستحق آهي، مريم نواز صحت، تعليم، زراعت ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ تاريخي اضافو ڪيو. حنا پرويز بٽ چيو ته بجيٽ ۾ شاگردن ۽ عورتن کي وڏي رقم رکي وئي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوجوان طبقو مريم نواز جي اوليت ۾ سرفهرست آهي. هن چيو ته پنجاب جو ٽيڪس فري بجيٽ عوامي امنگن جو ترجمان آهي هي ايوان عوامي خدمت جي ارادن جو اظهار ڪري ٿو هي ايوان عام ماڻهو جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ جي لاءِ هر امڪاني تعاون جاري رکندو.