پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل 24 ميمبرن حلف کڻي ورتو اسپيڪر ملڪ احمد خان عورتن جي 21 ۽ اقليتن جي 3 مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو، اپوزيشن جو سخت احتجاج، گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي وئي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز پاران اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ويو اپوزيشن اڳواڻ راڻا آفتاب چيو ته مخصوص سيٽن وارو ڪيس عدالت ۾ هئڻ سبب پنجاب حڪومت اُٻهرائي ۾ ميمبرن کي حلف کڻايو سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائڻ ۽ انهن ميمبرز کي حلف کڻائڻ وڏي ناانصافي آهي اسپيڪر چيو ته سڀاڻي صدارتي چونڊون آهن، سوچيو ته جمعي نماز کان اڳ اجلاس سڏايو وڃي.