پنجاب اسيمبلي ۾ ڀرتين جو ڪيس: پرويز الاهي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل روانو

لاهور جي مقامي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ ڀرتين جي ڪيس ۾ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو اينٽي ڪرپشن 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پرويز الاهي کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ عامر رضا عدالت ۾ پيش ڪيو جتي اينٽي ڪرپشن جي وڪيل ان جي وڌيڪ 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته پرويز الاهي جو موبائيل فون اڃان تائين ناهي ملي سگهيو. موبائي فون ريڪور ڪرائي ان جو فرانزڪ ڪرائڻو آهي عدالت ۾ پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته پرويز الاهي کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي جنهن تي عدالت کيس جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ٻئي طرف عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پرويز الاهي چيو ته نگران صوبائي حڪومت ڪهڙي حيثيت سان بجيٽ منظور ڪري سگهي ٿي؟ ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر هنن کي بجيٽ منظور ڪرڻ کان نه روڪيو.