لاهور (رپورٽ) پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جتي انتظامي سهولتن جي کوٽ سبب ٻارن ۽ وڏن ۾ بيماريون تيزي سان پکڙجڻ لڳيون آهن۔لاهور جي علائقي چوبنگ ۾ ٻوڏ متاثرين جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جتي معصوم ٻارڙا خارش ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن۔ مائرن جو چوڻ آهي ته ٻارن لاءِ کير به دستياب نه آهي، جنهن سبب هو مجبور ٿي خالي فيڊر ۾ پاڻي وجهي ٻارن کي پياري رهيون آهن، جنهن جي ڪري ٻارن کي الٽيون شروع ٿي ويون آهن۔رليف ڪيمپ ۾ هڪ ٻه مهينن جي ٻارڙي جي اکين مان رت وهي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيترين ئي عورتن کي به جلد جون بيماريون تڪليف ڏئي رهيون آهن۔ مائرن جو چوڻ آهي ته اهڙين حالتن ۾ ڪجھه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪريون ۽ ڪيڏانهن وڃون۔متاثر عورتن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪيمپن ۾ صحت جا اصول بلڪل به نظر نٿا اچن، جنهن جي ڪري دوائون به اثر نٿيون ڪري رهيون۔ هڪ عورت روئيندي ٻڌايو ته روزگار لاءِ جيڪو رڪشو هو، اهو به پاڻي ۾ ٻڏي مڪمل طور خراب ٿي ويو آهي۔