پنجاب جي اڳوڻي گورنر، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ماهر قانوندان سردار لطيف کوسه پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار لطيف کوسه چيو ته اڄ خوشي جو سفر ڪرڻ لاءِ اهو قدم کنيو آهي. رياست ماءُ هوندي آهي، اڄ نه چادر، چارديواري جو تحفظ آهي نه ئي جان مال جو مان اڄ نفرتن کي ختم ڪري هڪ نئين سفر جي دعوت ڏيان ٿو. اعتزاز احسن مون سان گڏ آهي اهو بيمار هجڻ سبب نه اچي سگهيو. مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، منهنجي گهر تي گوليون هلايون ويون، مون کي لفٽ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رکيو ويو پر سچ کي سچ چوڻو آهي ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي خوبصورت شڪل ۾ پاڪستان جهڙو ملڪ ڏنو آهي. پاڪستان جي عوام ئي رياست آهي. آرٽيڪل 7 ۾ عوام کان علاوه ٻئي ڪابه رياست نه آهي. رياست جي روح ئي عوام جي نمائندگي ۾ آهي پنجاب جي اڳوڻي گورنر چيو ته سمورين شين جو حل آئين ۾ موجود آهي. جڏهن اسان آئين کان هٽياسين ته ان جو اسان کي نقصان کڻڻو پيو. جمهوريت عوام آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ضياءُالحق به آئين تي عمل نه ڪيو جنهن جو ڪيتو اڃان تائين ڀوڳي رهيا آهيون. ضياءُالحق ۽ مولوي مشتاق ملي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري قبر ۾ لاٿو اسان ڪيستائين وزيراعظمن کي اقتدار تان هٽائي تماشو ڪندا رهنداسين هن چيو ته عزت، ذلت، رزق الله جي هٿ ۾ آهي. مون هميشه وڪالت ۽ سياست عبادت سمجهي ڪئي آهي. سڀني کان پهريان منهنجي ذميواري ڌرتي ماءُ سان آهي. آئين جي پاسداري ڪندڙ امر هوندو آهي. عدليه جي ذميواري آهي ته هو انصاف ڏئي. هن چيو ته فوجي جنرل هجي يا جج اسان سڀني کي عوام جي ٽيڪسن سان پئسا وڃن ٿا. عدالتن جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي.