پنجاب حڪومت 50 هزار گهرن کي سولر سسٽم ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پنجاب حڪومت 50 هزار گهرن کي هڪ ڪي وي سولر سسٽم ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مختلف گهرن ۾ ون ڪي وي سولر سسٽم لڳائي فائدي جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز فوري طور تي پائلٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. مريم نواز چيو ته 100 يونٽ تائين بجلي خرچ ڪندڙ پروٽيڪٽڊ صارفين اهل هوندا. ون ڪي وي سسٽم ۾ 2 سولر پليٽون، بيٽري، انورٽر ۽ تارون ڏنيون وينديون. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته انهي سان پکا، لائٽون ۽ ننڍا موٽر وغيره هلائي سگهبا. جڏهن ته بيٽري جي ذريعي 18 ڪلاڪن تائين بيڪ اپ حاصل  حاصل ڪري سگهبو. هن وڌيڪ چيو ته گهريلو صارفين جي لاءِ سولر سسٽم جو اختيار وڌايو ويندو.