اسلام آباد: پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي ڏيڻ جي معاملي تي انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن چيف جسٽس سميت ٻين ججز سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان سميت ٻين ججز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ سيڪريٽري دفاع به شامل هئا.ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ ملاقات چيف جسٽس جي چيمبر ۾ 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي. جنهن ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به چيف جسٽس جي چيمبر ۾ موجود هئا جڏهن ته ان ملاقات ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جي باري ۾ آگاهي پڻ ڏني وئي.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي ڏيڻ تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 14 مئي تي پنجاب ۾ صوبائي چونڊن جو حڪم ڏنو آهي ۽ عدالت ان سان گڏ ئي اسٽيٽ بينڪ کي سڌو سنئون اليڪشن ڪميشن کي فنڊز جاري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو پر قومي اسيمبلي هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي فنڊز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.