پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو، چئن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي

 پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن طرفان پنهنجن صوبن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

ذريعن موجب پنجاب ۾ 25 نومبر تائين جڏهن ته بلوچستان ۾ 15 ڏينهن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن دوران ڌرڻا، ريليون، جلسا نٿا ڪري سگهجن. جڏهن ته چئن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي هوندي.

هوڏانهن لاهور ۾ رنگ روڊ کي 2 ڏينهن 23 ۽ 24 نومبر لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٺوڪر نياز بيگ تي به ڪنٽينرز لڳائي موٽر وي ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي روڪيو ويو آهي جڏهن ته جي ٽي روڊ ۽ لاڳاپيل روڊن تي به ٽريفڪ سست رفتاري جو شڪار آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد جا به سمورا داخلي رستا بند ڪيا ويا آهن. موٽر وي کان اسلام آباد جا سمورا انٽري پوائنٽس ٽريفڪ لاءِ بند آهن.

اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ ڏانهن ويندڙ رستا ۽ ريڊ زون اڳ ئي سيل ڪيا ويا هئا، شهر ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ رينجرز ۽ ايف سي به مقرر ڪئي پئي وڃي. راولپنڊي ۾ رات 9 وڳي کان ٽرانسپورٽ اڏا ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندا. اسلام آباد ۾ اڄ ميٽرو بس سروس بند رهندي. جڏهن ته جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس سروس سڀاڻي مڪمل بند طور تي بند رهندي.

اسلام آباد پوليس طرفان شهر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن به جاري آهي. گيسٽ هائوس ۽ هوٽلن جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته هوٽلن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڊيٽا چيڪ ڪيو پيو وڃي. جنهن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته قلم 144 امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳايو ويو آهي.