پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ۾ خدمت جي سياست ٿي رهي آهي، صوبي ۾ ترقي ڏسي سياسي مخالف ڊڄي ويا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز پنجاب ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي، ٻين صوبن جا ماڻهو به مريم نواز جي ڪمن جا حامي آهن، پنجاب ۾ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ليگي اڳواڻ چيو ته هڪ طرف خدمت جي ۽ ٻئي طرف انتشار جي سياست ٿي رهي آهي، فتنه، فساد گروپ ٻارن جا برين واش ڪيا، فتنه پارٽي هاري ڪارڊ کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪيو آهي، مريم نواز صرف منصوبن جو افتتاح نه ڪيو آهي پر انهي تي عمل به ڪيو آهي، ايترا وڏا منصوبا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به شروع نه ڪيا آهن. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب جي هارين لاءِ زراعت دوست پاليسيون جاري ڪيون آهن، هاري ڪارڊ سان پنجاب جي هارين 50 سيڪڙو يوريا ڀاڻ استعمال ڪيو ۽ 150 ارب روپين کان وڌيڪ زرعي شيون خريد ڪيون، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جي سيٽلائيٽ جي ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته رمضان نگهبان پيڪيج لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، سمورن مستحق خاندانن کي رمضان نگهبان پيڪيج جي تحت رليف فراهم ڪيو ويندو. مريم نواز عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ هوشيار اسڪالر شپ کان پوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ لک اسڪوٽيز ڏنيون وينديون. مريم نواز تمام جلد شاگردن کي ميرٽ تي جديد ليپ ٽاپس به ڏيندي. عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن تي سزا ٿي، عمران خان جي مشهور ٿيڻ جي دعويٰ عوام رد ڪري ڇڏي، عوام پي ٽي آءِ وارن جا اصل ۽ مڪروهه چهرا سڃاڻي چڪي آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي پنهنجي صوبي جي عوام جو ڪو خيال ئي نه آهي.