پنجاب حڪومت 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر ماهوار 200 يونٽ تائين جي بجلي صارفين کي سستي بجلي نه ملندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ماهوار 200 يونٽ تائين بجلي مهانگي نه ڪئي وئي هئي، في يونٽ 14 روپين جو رليف ماهوار 201 کان 500 يونٽ تائين جي صارفين کي ملندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي جي ٽيرف ۾ رليف جو اعلان آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2024 جي بلن ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف ۽ مريم نواز پنجاب ۾ 500 يونٽ تائين جي بجلي صارفين لاءِ 14 روپيه في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته صوبائي حڪومت اهو بار پاڻ برداشت ڪندي.