ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پنهنجو گهر صحيح ڪرڻ کان سواءِ قرضن جي بار مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ مذاڪري سان بطور پينلسٽ ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ فسڪل اڪائونٽ جو گڏيل خسارو رهيو آهي. فسڪل خساري جي سڀني کان وڏو سبب 9 کان 10 سيڪڙو غير پائيدار ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح آهي. اسان جي اصلاحات سان ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح کي 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جي ڪوشش آهي. محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت پنهنجي خرچن ۾ گهٽتتائي، قرضن جي ادائيگي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي. پنهنجو گهر صحيح ڪرڻ کان سواءِ قرضن جي بار مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. قرضن سان خرچ هلائڻ يا سبسڊيز ڏيڻ جي بجاءِ پيداواري صلاحيت وڌائي برآمدات کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته جي ڊي پي جي شرح 4 سيڪڙو هوندي آهي. معيشت جي درآمدات تي انحصار سبب ادائيگين جو توازن بگڙجي ويندو آهي. ادائيگين جي توازن جي بگڙجڻ سان هر دفعي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي بينڪ سان 10 ساله رفاقتي پروگرام سان وڌندڙ آبادي غربت، ماحولياتي مسئلن تي ڪنٽرول ڪري پائيدار معاشي ترقي طرف وڌنداسين. سي پيڪ فيز 2 ۾ حڪومت ٽو حڪومت جي بجاءِ بزنس ٽو بزنس تي ڌيان رهندو ۽ چيني ڪمپنين کي پيداواري يونٽس پاڪستان منتقل ڪرڻ تي زور ڀرينداسين. محمد اورنگزيب چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان کي پنهنجي برآمدات جو مرڪز بڻائي سگهن ٿيون، پاڪستان پانڊا بانڊز جي ذريعي چيني ڪيپٽل مارڪيٽ تائين پهچڻ چاهي ٿو. پاڪستان مصر جي تجربن مان سکي ڪيپٽل مارڪيٽ جي پهچ لاءِ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جو خواهشمند آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته نجي شعبي کي معاشي ترقي ۾ پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. پاڪستاني نوجوانن کي سڄي دنيا ۾ سٺيون نوڪريون ملڻ بهترين عمل آهي.