پنوعاقل ڀرسان ڪچي واري علائقي گدپور ٿاڻي جي حد ۾ دَم دَمُو بند تي قائم پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن پاران حملو ڪندي راڪٽ لانچر فائر ڪيا ويا جنھن سبب پِڪٽ تي موجود پوليس اهلڪار اربيلو چَاچَڙ شهيد ٿي ويو ۽ علي رضا مگسي سخت زخمي ٿي پيو. اهڙي اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي شھيد جو مڙھه ۽ زخمي پوليس اھلڪار کي طِبي علاج لاء پنوعاقل تعلقه اسپتال آندو ويو، زخمي پوليس اھلڪار جي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ ڪري CMH اسپتال ڪينٽ منتقل ڪيو ويو، ٻي پاسي تعلقه پنوعاقل جي سمورن ٿاڻن جي پوليس ھٿياربندن سان مقابلي لاء ڪچي طرف رواني ٿي وئي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سکر امجد علي شيخ پنوعاقل اسپتال پهتو واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا، شھيد پوليس اھلڪار جي مٿي تي چُمي ڏني ۽ چيو ته پنھنجي جوانن جي ڪڏھن به رت ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ڊي ايس پي پنوعاقل عبدالستار ڦُل ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي ٽولي ايندي ئي راڪيٽ فائر ڪيا، مزاحمت ڪئي پر اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، شھيد پوليس اھلڪار جي نماز جنازا سکر پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي.