پنڊي ڀٽان ويجهو مسافر بس کي خوفناڪ حادثو، 20 ڄڻا فوت

پنڊي ڀٽيان پنڊي ڀٽان ويجهو مسافر ڪوچ ۽ پک اپ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 20 مسافر فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا ميڊيا رپورٽن مطابق ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ پِڪ اپ وين ۾ پنڊي ڀاٽيان ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن بعد ٻنهي گاڏين کي باهه لڳي وئي، ڪوچ ۾ سوار 20 مسافر فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر بس ۾ 35 کان 40 مسافر سوار هئا، حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا فوري طور تي امدادي ڪارروايون ڪيون ويون، شروعاتي طور تي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جن مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي بچيل مسافرن جو چوڻ هو ته مسافر بس ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته اوچتو گاڏي سان ٽڪرائجڻ بعد بس کي باهه لڳي وئي، مسافرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نه مليو. ان حوالي سان ڊي پي او حافظ آباد ڊاڪٽر فهد احمد ٻڌايو آهي ته مسافر بس روڊ تي بيٺل سوزوڪي پک اپ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ ڊيزل جي ٽينڪ ڀريل هئي، جنهن ۾ باهه لڳي وئي، حادثي ۾ فوت ٿيلن جا وارث به فوت ٿي ويا ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي، زخمين کي پنڊي ڀٽان ۽ فيصل آباد جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ڊي ايس پي احسان ظفر جو چوڻ هو ته صبح ساڍي 4 وڳي پک اپ وين ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر ٿيو، پک اپ وين ۾ ڊيزل ڀريل هو، جنهن سبب گاڏين کي باهه لڳي وئي ۽ ٻئي گاڏيون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا فيصل آباد موٽر وي تي پنڊي ڀٽيان ويجهو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي پنڊي ڀٽيان اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 11 ڄڻن جا لاش ۽ 15 زخمين کي ڪپنڊي ڀٽيان اسپتال آندو ويو، جن مان 4 زخمين جي حالت نازڪ آهي، جن کي الائيڊ اسپتال فيصل آباد منتقل ڪيو ويو آهي