پهرين ڊسمبر کان پيٽرول 3.15 ۽ ڊيزل 3.20 روپيه مهانگو ٿيڻ جو امڪان

 پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 4 روپيه في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيه 15 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 20 پئسا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گاسليٽ 4 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ٿي سگهي ٿو. پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو 30 نومبر تي ڪيو ويندو. ناڻي وارو وزير وزيراعظم شهباز شريف سان صلاح مشوري کان پوءِ نئين قيمتن جو اعلان ڪندو.