جي اڳواڻ عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پرويز الاهي جا وڪيل اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هو پوليس آفيسرن کي سزائون ڏياي رهندا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ عطاءُالله تارڙ چيو ته وڪيل دعويٰ ڪري رهيا آهن ته انهن جي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي. ڪورٽ نوٽيس ڪندي جنهن کان پوءِ پوليس آفيسرن کي توهين عدالت جون سزائون ٻڌايون وينديون هن چيو ته اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ ان شخص هميشه وڏيون ڳالهيون ڪيون ته مان عدالتن کي سنڀالي وٺندس هاڻ جيڪڏهن سندس وڪيل وقت کان اڳ اهو چئي رهيا آهن ته جج صاحب سڀاڻي ئي پوليس آفيسرن کي سزائون ڏياريندو ته اهو سسٽم تي وڏو سواليه نشان آهي ته ڪرپشن جو پئسو وڃي ڪيڏانهن ٿو. جيڪا 2300 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ليگي اڳواڻ وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته پرويز الاهي جي وڪيلن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج وچ ۾ ڇا طئي ٿيو؟ ڇا اربين روپين جا ڌاڙا هڻندڙن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ توهين عدالت لڳائڻ جي ڊيل ٿي هن چيو ته پهريون ڪنهن جج پوليس کي چيو ته گهر ڇڏي اچو اهو تاريخي ڪرپشن تي تاريخي ريليف آهي