پوري سنڌ ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کانسواءِ ڪارروائي ڪئي ويندي: ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي

ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عبدالرشيد سولنگي سوڪ سينٽر حيدرآباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيوته ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪيترن ئي غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهيو ويو آهي ۽ حيدرآباد ۾ پڻ اهڙي طرح جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي جي عبدالرشيد سولنگي چيو ته سنڌ ۾ ڪمزور عمارتن جي سروي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ مونکي اهو ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ اندر 751 ڪمزور عماروتون آهن جن مان وڏو تعداد ڪراچي ۾ آهي جڏهن ته حيدرآباد ۾ فقط 34 عمارتون خسته حال آهن. هن چيو ته سروي مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت  کي  خسته حال عمارتن جي تفصيل ڏني ويندي. هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ساک کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي . هن چيو ته اٿارٽي پاران پوري سنڌ ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ان ڏس ۾  ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کانسواءِ ڪارروائي ڪئي ويندي  جڏهن ته اداري ۾ بهتري سان عوام کي سڌو سئنون فائدو پهچندو هن چيو ته پرائيويٽ بلڊرز کي ان ڳالهه جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اهي عوام کي سندن منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عبدالرشيد سولنگي چيو ته اداري ۾ ون ونڊو  آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪري سگهجي. ان کان علاوه اٿارٽي ۾ بائيو ميٽرڪ نظام پڻ متعارف ڪري ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻايو ويندو.  هن چيو ته اٿارٽي جي قانون تي عملدرآ مد کي يقيني بڻايو ويندو. اداري ۾ ڪمپلينٽ سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي جتي عوامي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهبو.ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي چيو ته نيڪي نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انشاءَالله اداري کي هر قسم جي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ محڪماجاتي ڪارروائيون پڻ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته سنڌ ۾ حددخلين جو خاتمو آڻيون جڏهن ته ملازمن جي سمورن جائز مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. مختلف پلازائن ۽ بلڊنگس ۾ فائر فائيٽنگ ۽ سيف ايگزيٽ جي سوال بابت ڊي جي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سنڌ چيو ته ان بابت هو تفصيلي بريفنگ وٺي حڪم جاري ڪندو گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ سيفٽي جا قدم کنيا وڃن. هن دريا جي پيٽ ۾ 50 اسڪيمن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ حڪم جاري ڪندي ڪنٽرول اٿارٽي آفيسرن کي هدايتون ڪيون ته ان باري ۾ سروي ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي. ڊي جي چيو ته هو حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن جو وقفي وقفي سان دورو ڪندو رهندو ته جيئن پاڻ ويهي اهي مسئلا حل ڪري سگهي.