پوليس شيخ رشيد کي هڪ هفتي ۾ پيش ڪري ٻئي صورت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيندي: هاءِ ڪورٽ

لاهور : هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ پوليس کي هڪ هفتي ۾ شيخ رشيد کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي لاهر هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ آر پي او راولپنڊي سيد خرم علي عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت آر پي او کان سوال ڪيو ته شيخ رشيد ۽ ساڻس گڏ 2 ٻيا ماڻهو ڪٿي آهن؟ اوهان لکت ۾ عدالت کي آگاهه ڪندا يا شيخ رشيد کي پيش ڪندا؟ عدالت جي پڇڻ تي آر پي او عدالت کان وڌيڪ 15 ڏينهن جو وقت گهري ورتو جنهن تي عدالت چيو ته 15 ڏينهن وڌيڪ آهن هي عام معاملو نه آهي ٻن ڏينهن جي مهلت به وڌيڪ هوندي. جسٽس صداقت علي چيو ته درخواستگذار جي وڪيل عبدالرزاق جي چوڻ تي وڌيڪ 8 ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو. شيخ رشيد کي هڪ هفتي اندر پيش نه ڪيو ويو ته عدالت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شيخ رشيد کي گهر مان گرفتاري ڪري گولڙه شريف انٽيليجنس جي آفيس منتقل ڪيو ويو جنهن جون وڊيوز به موجود آهن. هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد کي انٽيليجنس آفيس منتقل ڪرڻ جي وڊيوز طلب ڪري ورتي. ٻئي طرف شيخ رشيد جي ڀائيٽي شيخ شاڪر ۽ ملازم شيخ عمران کي آزاد ڪيو ويو.