پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار: سنڌ پوليس جوڊيشل ڪميشن لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو

 پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تازي تڪرار تي سنڌ پوليس جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ هڪ وڪيل جي ملوث هجڻ جي مبينه واقعي جي عدالتي انڪوائري جي درخواست ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته قانون جي حڪمراني لاءِ پوليس ۽ وڪيل اهم حصيدار آهن. انصاف ۽ حقيقتون ڄاڻڻ جي لاءِ اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ طريقيڪار  واضح ڪيو وڃي. سنڌ پوليس طرفان خط ۾ لکيو ويو آهي ته 3 فيبروري جي رات ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڪار کي روڪيو ويو هو. اطمينان جوڳو جواب نه ملڻ تي ڪار سوار جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس داخل ڪرڻ تي وڪيل برادري طرفان احتجاج ڪيو ويو، وڪيلن طرفان ايس ايس پي حيدرآباد جي بدلي جو مطالبو ڪيو ويو، وڪيلن مطالبن جي منظوري لاءِ احتجاج ڪري حيدرآباد باءِ پاس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سموري سنڌ ۾ فينسي، جعلي نمبر پليٽس، هوٽرز ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين جي خلاف ڪارروائي سنڌ حڪومت جي  حڪم تي  جاري آهي. ڪارروائي دوران ئي ڪار کي روڪيو ويو هو جنهن تي وڪيل برادري طرفان معاملي کي وڌايو ويو آهي.