خيرپور ۾ پيتيءَ مان ٽن ٻارن جا لاش ملڻ جي واقعي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي ٻارن جي لاشن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي، جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ٽنهي ٻارن جو موت صندوق ۾ ساهه منجهڻ سبب ٿيو، جڏهن ته هڪ ٻار جي جسم تي تشدد جا نشان به هئارپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ساهه منجهڻ سان ٻارن جي وات مان رت به نڪتو پر شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارن سان زيادتي جو شڪ ظاهر ناهي ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.