پيرجوڳوٺ جي مهراب ڀٽو ڪالوني جي رهواسي ڌنار بخت علي ولد طيب ڀٽو سان جوابدار احمد بخش عرف مجيب راهوجو پاران مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي ان حوالي سان ڌنار نينگر بخت علي ڀٽو صحافين وٽ پهچي دانهيندي چيو ته بااثر احمد بخش عرف مجيب راهوجو ڪيترن ئي ڏينهن کان مون کي پنهنجي ڀيڻ جو نمبر ڏيڻ لاءِ تنگ ڪندو هو ۽ اڄ مال چاري رهيو هيس ته ڄاڻايل بااثر شخص مون سان زبردستي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو هن چيو ته اهڙي واقعي جي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي