پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ حيبت خان بروهي ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا بيهوش اسپتال منتقل ڪرڻ دوران به ڄڻا رستي ۾ فوت

پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ حيبت خان بروهي ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا بيهوش اسپتال منتقل ڪرڻ دوران به ڄڻا رستي ۾ فوت جڏھن ته معصوم نينگري سميت 7 ڄڻا اسپتال ۾ فوت صحت کاتي جي بيحسي فوتين جا لاش ايمبولينس بجاءِ پوليس موبائلن ۾ ڳوٺ پهچايا ويا هڪ خاندان جي 9 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين علائقي جي سوين ماڻهن پاران جنازي نماز ۾ شرڪت ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي سرڪاري ڪاموري جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪئي درناڪ واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال جنازا کڄڻ وقت هر اک آلي تفصيل موجب پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ حيبت خان بروهي ۾ گذريل ڏينهن مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا دلبر بروهي دلدار منظور مريم حاجرا فهميده گنج بيبي ۽ سونيا بروهي بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي به ڄڻا. 18 سالا غلام اصغر بروهي ۽ دلبر رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته دلدار منظور حسين مريم حاجرا گنج بيبي فهميده ۽ سونيا جيڪي گل بيگ بروهي جي اولا آهن اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته فوتين جا لاش ايمبولينس بجاءِ پوليس موبائيلن ۾ ڳوٺ آندا ويا جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ برداري سميت علائقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن بعد کين اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته هڪ ئي خاندان جي 9 ڄڻن جي جنازي نماز ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندن توڙي سرڪاري ڪاموري شرڪت نه ڪئي ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر خاندان جي ماڻهن کير ۽ کاڌو کائڻ بعد بيهوش ٿي ويا ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويا آهن ان حوالي سان گل بيگ بروهي جو چوڻ هو ته خيرپور اسپتال ۾ علاج صحيح نه ٿيڻ ڪري منهنجو سڄو خاندان اجڙي ويو اسپتال اندر ڏاڍي لاپرواهي ڪئي وئي جنھن ۾ منهنجا سڀ گهر ڀاتي فوت ٿي ويا آهن ياد رهي ته پورهيت گل بيگ بروهي جا چار پٽ ۽ چار نياڻيون فوت ٿي ويا آهن