پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد گلڻ ناريجو جو رھواسي 3 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل پنجن سالن جي نينگر جو ڳوٺ ڀرسان وھندڙ شاخ مان لاش هٿ ڪيو ويو

ڪنگري: پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد گلڻ ناريجو جو رھواسي 3 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل پنجن سالن جي نينگر جو ڳوٺ ڀرسان وھندڙ شاخ مان لاش هٿ ڪيو ويو پوليس پاران پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو خبر موجب پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد گلڻ ناريجو جو رھواسي 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پنجن سالن جي معصوم نينگر تراب علي پٽ گلڻ ناريجو جو ڳوٺ ڀرسان عالي واھ واھ مان نڪرندڙ شاخ جي خاصخيلي پل وٽان لاش هٿ ڪيو ويو اطلاع ملڻ تي وڏامھيسر ٿاڻي جي پوليس ۽ نينگر جي وارثن پاران لاش ڪڍرائي پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته اسانکي شڪ آهي ته نينگر کي اغوا ڪرڻ بعد ماري پاڻيءَ ۾ اڇلايو ويو آهي ھنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف مھيسر وڏا ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته جاچ مڪمل ٿيڻ تي اصل حقيقت سامهون اچي ويندي ۽ جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي،