پيرجوڳوٺ ۾ صحافي وسيم سنڌي جو ڀاڻيجو ۽ مئٽرڪ جو شاگرد ذيشان ولد مرحوم رياض گهمرو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي،

پيرجوڳوٺ ۾ صحافي وسيم سنڌي جو ڀاڻيجو ۽ مئٽرڪ جو شاگرد ذيشان ولد مرحوم رياض گهمرو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته ذيشان گذريل ڏينهن گهران ڪنهن ڪم سان نڪتو هو پر اڃا تائين واپس ناهي موٽيو. وارثن موجب نوجوان جي هر هنڌ ڳولا ڪئي وئي آهي، پر سندس ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي. سندن شڪ آهي ته ذيشان کي اغوا ڪيو ويو آهي، پر ان بابت يقيني طور تي ڪا معلومات موجود ناهي. ذيشان جي پراسرار گمشدگي سبب سندس خاندان سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي. وارثن پيرجوڳوٺ پوليس ۽ ايس ايس پي خيرپور کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي. ياد رهي ته اهڙا واقعا عوام ۾ عدم تحفظ جو سبب بڻجي رهيا آهن، جڏهن ته متاثر خاندانن جو مطالبو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن واقعن جي روڪٿام لاءِ ترت قدم کڻن