پيروسڻ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي ڀُٽا اسٽاپ وٽ ٻن ٽرڪن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آھن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي فوتين ۾ صادق علي چوڌري، انور علي سولنگي ۽ غلام عباس سولنگي شامل آھن جڏھن تہ ٻن زخمين ۾ اظھر علي سولنگي ۽ جاويد پٺاڻ شامل آھن فوتي توڙي زخمي ٻنھي گاڏين جا ڊرائيور ۽ ڪلينر ٻڌايا پيا وڃن، ٻئي طرف حادثي جي اطلاع تي پيروسڻ پوليس پُھچي روڊ تي معطل ٿيل ٽريفڪ پڻ بحال ڪرائي حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.