پير آف راڻي پور پير سيد فياض حسين شاھ جيلاني جي خاندان جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل فاطمه ڦرڙو جي وڊيو سان ڪو واسطو ناهي، سندس ميڊيا ٽرائل هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو هر ڪنهن گهر ۾ نياڻيون آهن، ان ڪري معصوم نياڻي جي موت جو ڏک ٿيڻ گهرجي ۽ اسان اعليٰ ادارن کان صاف شفاف جاچ جو مطالبو ڪيون ٿا ۽ اُميد تہ معصوم نياڻي فاطمہ ڦرڙو جي موت جو ڪارڻ ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ جو نياڻي جي والدين جو چوڻ آهي تہ پيٽ ۾ سور سبب موت ٿيو آهي ۽ هُنن جو اهو بہ چوڻ آهي تہ اسان جو پير صاحبان تي ڪو بہ شڪ ناهي.
تنهنڪري خدارا سوشل ميڊيا جا دوست ڪنهن جي ڪردار ڪشي نہ ڪن، اسان جا پير صاحبان تمام گهڻا صابرين آهن، ۽ آءُ دعويٰ سان چوان ٿو تہ اهو مسئلو اسان جي مرشد پير سيد فياض حسين شاھ جيلاني جي حويلي ۾ بہ ناهي ٿيو تہ پوءِ سندس ڪردار ڪشي ڇو برداشت ڪجي ۔