پير آف ھنڱورجا سيد محرم علي شاھ لڪياري خانواھڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو م پھچي شھيد معصومہ فاطمہ ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي

ميڊيا سان ڳالھائيندي پير آف ھنڱورجا سيد محرم علي شاھ لڪياري جن چيو تہ سنڌ ۾ ھاڻ درگاھون بند ٿيڻ گھرجن اھو منھنجو چٽو ۽ اصولي موقف رھيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته نياڻي شھيد فاطمہ ڦرڙو جو واقعو انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي شھيد فاطمہ ڦرڙو واقعي ۾ جيڪي بہ ملوث آھن انھن کي قانون جي دائري ۾ آڻي سخت سزا ملڻ گھرجي تہ جيئن آئيندا ڪو اُھڙو واقعو پيش نہ اچي