پيمرا (PEMRA) پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيو نيوز جو لائسنس فوري طور تي 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو وڃي ٿو.نوٽيفڪيشن موجب 10 محرم الحرام جي ڏينهن جيو نيوز تي ناقابل قبول مذهبي تصويرڪشي ڪئي وئي، جيڪا قانون ۽ پيمرا جي ڪيترن ئي ضابطن جي خلاف ورزي آهي.پيمرا چيو آهي ته اهڙي عمل سان مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، ۽ جيو نيوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي جي اندروني جاچ به ڪئي وڃي.