پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي لاٿ جو امڪان

پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت ۾ في بيرل 5 ڊالر گهٽتائي ٿي آهي. جنهن سبب پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي ايندڙ مهيني پيٽرول جي قيمت ۾ 15 کان 20 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 10 کان 16 روپيه في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي ذريعن موجب لائٽ ڊيزل آئل ۽ گاسليٽ به پهرين نومبر کان سستو ٿيندو، ان حوالي سان اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي حتمي سمري 31 آڪٽوبر تي پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ويندي سمري پيٽروليم جي وزارت ۽ ناڻي واري وزارت هيٺ مٿانهين ڪري وزيراعظم ڏانهن اماڻيندا جنهن کان پوءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حتمي قيمتن جو فيصلو ڪندو. ياد رهي ته 16 آڪٽوبر تي پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 40 روپيه لاٿ ڪئي وئي هئي جڏهن ته ڊيزل به 15 روپيه في ليٽر سستو ڪيو ويو هو.