اسلام آباد: اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن جي مقرري واري سمري حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 13 روپيه 60 پئسن تائين واڌ جو امڪان آهي.ذريعن موجب اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن بابت ٻه تجويزون اماڻيون آهن جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 2 کان 5 سيڪڙو في ليٽر جي ايس ٽي لڳائڻ جي تجويز به شامل آهي.2 سيڪڙو جيس ٽي لاڳو ڪرڻ تي پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيه 44 پئسا جڏهن ته 5 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جي صورت ۾ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 13 روپيه 60 پئسن تائين واڌ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ڊيزل تي 5 کان 10 روپيه في ليٽر ليوي لڳائڻ ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 کان 15 روپيه في ليٽر واڌ ڪرڻ جي تجويز به اماڻي وئي آهي. اوگرا پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جي تجويز به ڏني آهي.