پيٽرول هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ رپئي تي دٻاءُ وڌڻ جي صورت ۾ تيل وري مهانگو ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته عدم استحڪام سبب ملڪ مسئلن جو شڪار آهي، استحڪام بابت معاملن تي جن ماڻهن وٽ اٿارٽيز آهن، انهن کي به غور ڪرڻ گهرجي.هن چيو رپئي تي دٻاءُ وڌندو رهيو ته تيل وري مهانگو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته روس کان تيل درآمد ڪرڻ جا معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته ڊالر جي قدر ۾ اوچتو وڏي واڌ عدم استحڪام سبب ٿي آهي، موجوده غير يقيني جي صورتحال ۾ ملڪ هلائڻ وڏي ڳالهه آهي.