پيپلز پارٽي آئينا عهدا وٺڻ باوجود چوي ٿي اسان حڪومت ۾ نه آهيون: مولانا فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) ف جي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي آئيني عهدا به وٺي رهي آهي ۽ چوي ٿي ته اسان حڪومت ۾ نه آهيون. جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ پهرين جون کان عوامي ملين مارچ ٿيندو. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان سمورا الزام اليڪشن ڪميشن تي نه وجهڻ گهرجن جيڪڏهن الزام اليڪشن ڪميشن تي وجهڻو آهي ته ان جو مطلب ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورن سياستدانن کي فڪر ڪرڻي پوندي اسان وٽ عام چونڊون تڪراري ٿيون آهن. ملڪ جو نظام هن وقت خراب آهي، آئين موجود هجڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن هٿ تي هٿ ڏئي ڏسندو رهندو آهي جڏهن آئين تي عمل نه ٿيندو ته آئين ٺاهيو ڇو آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته 9 مئي تي اسان کي به خدشا آهن پر سرڪاري ادارن تي حملو ڪرڻ ۽ انهن کي باهيون ڏيڻ مذمت جوڳو عمل آهي. جيڪڏهن هي ڌانڌلي کي نٿا مڃين ته پوءِ عوام به 9 مئي جي بيانيي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ اسان سياسي پارٽين کي گڏ ويهڻو پوندو ۽ انهن جو رستو روڪڻو پوندو. هن وقت اقليتي حڪومت هلي رهي آهي. پيپلز پارٽي آئيني عهدا به وٺي رهي آهي پر ان باوجود چوي ٿي ته اسان حڪومت ۾ نه آهيون.