پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينه ۾ شموليت تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. صدر ۽ اسپيڪر جا عهدا پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملنداذريعن موجب ملڪ ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل حڪومت ٺهندي. پنجاب ۾ به ٻه کان ٽي وزير پيپلز پارٽي جا ورتا ويندا سينيٽ چيئرمين جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جو اعظم نذير تارڙمضبوط اميدوار آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي امڪاني طور تي راجا پرويز اشرف کي ئي ٻيهر اسپيڪر نامزد ڪري سگهي ٿي بلوچستان ۾ وڏي وزير جو اميدوار پيپلز پارٽي جو هوندو. ياد رهي ته حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيندڙ ٽئين اجلاس ۾ به اتفاق نه ٿي سگهيو هو جنهن کان پوءِ ڳالهيون سومر جي ڏينهن به جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.