پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي ميمبرن کي بجيٽ منظوري جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پارٽي جي سينئر اڳواڻ شازيه مري چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين پارٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مالياتي بل 2025-26 جي حق ۾ ووٽ ڏين. وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي ٽيم سان مشاورت ڪئي ۽ بجيٽ بابت اسان جي خدشن کي ختم ڪيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي بجيٽ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو هو، جنهن کي 20 سيڪڙو وڌايو ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سولر پينلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس کي رد ڪري ڇڏيو هو جنهن کي هاڻ 50 سيڪڙو گهٽ ڪيو ويو آهي. شازيه مري چيو ته پيپلز پارٽي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو، وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ پينشنرز جي لاءِ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس سليب ۾ تبديلي پيپلز پارٽي جي مشاورت سان ڪئي وئي. هڪ لک روپيه پگهار تي ڪوبه ٽيڪس نه ٿيندو. شازيه مري وڌيڪ چيوت ه وفاقي حڪومت سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ مقرر بجيٽ کي پيپلز پارٽي جي مطالبي تي بحال ڪيو. فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) قانون ۾ ترميم بابت پيپلز پارٽي جا خدشا به ختم ڪيا ويا، جڏهن ته حڪومت اسان جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا ۽ ضروري ترميمون ڪيون ويون ته اسان مالياتي بل جي حمايت ڪنداسين.