پيڪا ايڪٽ ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش، ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي 3 سال قيد، 20 لک ڏنڊ لاڳو ٿيندو

 وفاقي سرڪار پيڪا ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ايوان ۾ پيش ڪيو. انهي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته مقرر مدي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ٽرائل ڪورٽ کي ڪيسز جو فيصلو 6 مهينن کان هڪ سال ۾ ڪرڻو پوندو. ماڊرن ڊيوائسز کي قانون شهادت ۾ شامل ڪرڻ جي ترميم به شامل آهي. عوام کي انصاف جي نظام بابت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. عوام هن ايوان کان انهي جي حل جي اميد رکي ٿي. نظام ۾ ايتريون خرابيون آهن جو انهي مان ڪجهه به ثابت نٿو ٿئي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جي شرح تمام گهٽ آهي، ٻين ملڪن ۾ سزا ڏيڻ جي شرح 80 سيڪڙو آهي، انهي نظام جي بهتري لاءِ ترميمون آڻڻيون آهن. هن چيو ته اپوزيشن کي عوامي مسئلن سان ڪابه دلچسپي نه آهي. اهي صرف هتي اچي لابي ۾ ويهي کائيندا پيئندا آهن. هڪ شخص کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ نعرا لڳائيندا آهن ۽ هر ڀيري صرف ڪورم جي نشاندهي ڪندا آهن. ذريعن موجب وفاقي پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 جي ذريعي حڪومت سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن بابت اهم قانون سازي ڪري رهي آهي، ترميمي بل ۾ ڪوڙين خبرن بابت ترميم سان سزائون ۽ ڏنڊ به شامل هوندو. ڪوڙين خبرن بابت ترميم ۾ سزا 3 سال تائين ڏيڻ جي تجويز شامل هوندي.